انيس المساڪين ( راحت السالڪين )

انيس المساڪين (راحت السالڪين) (ڪتاب ):قاضي غلام هادي مرحوم جو سنڌ جي صوفي تحريڪ تي لکيل هيءُ مفصل ڪتاب ٻارهن بابن تي مشتمل آهي. ورهاڱي کان اڳ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق به ڪي اهم ڳالهيون لکيون ويون آهن، مثلاً: شاهه عنايت صوفيءَ واري جنگ وغيره. هن ڪتاب جي عنوانن جي فهرست مان ڪتاب جي اهميت جو اندازو ٿيندو. هيءُ ڪتاب بيدل سائينءَ جي مجازي دوست ميان پيرمحمد جي صاحبزادي ميان غلام مهدي مرحوم، لکاسنگهه وڪيل روهڙيءَ واري جي تحريڪ تي تصنيف ڪيو. ڪتاب جي ابتدا ۾ نظم آهي ۽ تصوف جو ٿورو احوال بيدل جي تاليف ”فوائدالمعنويءَ“ مان ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ هيٺينءَ طرح باب ۽ مضمون آندل آهن:
باب پهريون: تصوف سنڌ ۾ ڪيئن آيو؟ شاهه عنايت صوفيءَ جو جنم ۽ ننڍپڻ جو احوال.
باب ٻيو: مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ، مرشد جي ڪچهري، سنڌ ۾ اچڻ، شاهه شهيد جي شادين جو ذڪر، يارمحمد ڪلهوڙي جو ضد پوڻ، لڙائيءَ جو بيان (18 ذوالقعد 1129هه/ آڪٽوبر 1716ع کان 11 صفر 1130 هه/جنوري 1717ع تائين ڪلهوڙن جو دور هو)، سندن ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي همراهن سميت شهادت، سر مبارڪ جو دهليءَ وڃڻ، سر مبارڪ جي مخدوم ٺاري ۽ هڪ ٻئي فقير سان گفتگو، دهليءَ ۾ سر مبارڪ جي پهچڻ جون وارداتون ۽ سنڌ ڏانهن موٽڻ.
باب ٽيون: حضرت شهيد جي خليفن جو بيان، مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي، ساقي نامه جان الله شاهه، ميخانه مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي، مير قلندر علي شاهه جو بيان، ميان باقر علي شاهه جو بيان، سر صوفي قلندر علي شاهه، مير منور علي شاهه ۽ مير فتح علي شاهه جو بيان، مير سيد ميان علي اڪبر جو بيان، سيد ميان جان الله شاهه ٽئين جو بيان، شاهه عبدالطيف ٺٽويءَ جو بيان، خليفي شاهه عبدالڪريم ٺٽويءَ جو بيان، خليفي اسحاق فقير جو بيان، خليفي محمد صديق جو بيان، خليفي خواجه عبدالله جو بيان، خليفي سليمان هند جو بيان، خليفي ابن جو بيان ۽ خليفي ميان محمد اسماعيل شاهه ٺٽويءَ جو بيان.
باب چوٿون: حضرت صوفي صاحب جو اولاد، شاهه خليل الله جو بيان، شاهه عزت جو احوال، شاهه غلام الله قلندر جو بيان، ڀِٽ تجل شريف ۾ سندن حالات، تجل ڳوٺ جو ٻڌجڻ ۽ سندن روضي مبارڪ جو احوال.
باب پنجون: حضرت صوفي صاحب جي گاديءَ جو ڦُرجڻ، پير محمد زاهد شاهه جو بيان، ميان ابراهيم شاهه ثالث جو بيان، شاهه فضل الله قلندر جو بيان، مخدوم پني لڌي جو بيان، شاهه فضل الله جو ڪنبي جي کوهه تان ميرانپور هلڻ ۽ شاهه فضل الله جي وفات جو بيان.
باب ڇهون: شاهه فضل الله جي ٻن خليفن جو بيان، فقير محمد صادق جو بيان، فقير ميان عبدالله جو بيان، سيد فتح الدين شاهه جهانيان پوٽي حيدرآباديءَ جو بيان، ۽ مدئي فقير حجام جو بيان.
باب ستون: شاهه عزت الله ثانيءَ جو بيان ۽ شاهه رحمت الله قلندر جو بيان.
باب اٺون: شاهه ابراهيم چوٿين جو بيان ۽ مخدوم ميان زاهد جو بيان.
باب نائون ۽ ڏهون: ميرانپور جي گاديءَ جي تجل شريف وارن بزرگن جي هٿ اچڻ ۽ عبدالستار سجاده نشين جو بيان.
باب يارهون: عبدالستار جو سجاده نشين ٿيڻ ۽ مخدوم شهاب الدين جو بيان.
باب ٻارهون: سرنامو ڇا آهي؟


هن صفحي کي شيئر ڪريو